شيخ فتح محمد

شيخ، فتح محمد: عالم، فاضل ۽ محدث شيخ فتح محمد، نامور عالم ۽ اولياءُ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائيءَ جو فرزند هو. قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جي تعليم پرائڻ بعد ديني علمن تي دسترس حاصل ڪيائين. هن ديني علمن ۽ تصوف جي اسرار ۽ رموز بابت ڪيترائي ڪتاب به لکيا. کيس شاعريءَ جي چڱي ڄاڻ هئي. هن بزرگ جا ‘حرفي اشارات’ جي ڏس ۾ ٽي شعر گهڻو مشهور هئا، انهن ٽنهي شعرن جي اشارات جو تفصيلي حل پنهنجي ڪتاب ’مفتاح الصلوات‘ ۾ بيان ڪيائين. سندس هن ڪتاب کان سواءِ ٻيا ڪتاب به گهڻو مشهور ٿيا. سندس پٽ شيخ شهاب الدين، شيخ رحيم ۽ شيخ محمد عيسيٰ وڏا عالم ۽ اهل الله هئا.
شيخ فتح محمد 1669ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو